پليجن جو قبرستان

پليجن جو قبرستان: ٺٽي ضلعي جي جهرڪ شهر کان ٽي ميل ڏکڻ ۾، ماجيراءِ جي ماڙيءَ واري جبل جي ’ڪَر‘ ۾ هڪ وڏو قبرستان آهي. قومي شاهراهه تان گذرندي هڪ قبي جو گنبذ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جيڪو پير لاکي لطف الله جو روضو آهي.
هن روضي کان وٺي قبرستان شروع ٿئي ٿو، جو پکيڙ ۾ اٽڪل اڌ چورس ميل ٿيندو. ڏاکڻين ڇيڙي تي ٻي درگاهه آهي، جا شيخ جکري جي چئي وڃي ٿي. هن قبرستان ۾ ست رانڪون ٺهيل آهن، جيڪي هاڻي بلڪل ضعيف حالت ۾ آهن. انهن رانڪن جي پٿر جو گهاڙيٽو مرزا عيسيٰ ترخان واري رانڪ (مڪلي) ۾ ڪم آندل پٿر جي گهاڙيٽي سان گهڻي مشابهت ٿو رکي، اهي رانڪون پليجن جون آهن. انهن مان هڪ رانڪ انور بيگ پليجي، ديهه بوڌاڻيءَ واري جي آهي. قبرستان ۾ پٿر جون ٺهيل ڪيتريون ئي قبرون آهن، ڪن قبرن تي ساڄي پاسي کان سري وٽ، هيٺڀرو، گهوڙيسوارن جون تصويرون اُڪريل آهن، جن جي هڪ هٿ ۾ ڍال آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڀالو آهي. اهي قبرون مردن جون آهن.
ڪن قبرن جي اتر طرف سري کان گهڙيل پٿر پاڳ جي طور لڳايا ويا آهن، اهي وڏن سردارن جون قبرون آهن. ڪن قبرن جي اڳيان سري کان ننڍا توڙي وڏا ست فوٽ اوچا، پاترا ٿنڀا کوڙيا ويا آهن، جن تي پاڳون به آهن. اهي قبرون شهيدن جون آهن ۽ اهي ٿنڀا شهيدن جي نشانيءَ طور لڳايا ويا آهن. شهيد ٿيل عورتن جي قبرن مان ڪن تي ٻيڙيءَ جي ناتاريءَ جي شڪل ۽ ڪن تي ’گل‘ اُڪريل آهن.


لفظ پليجن جو قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو